رت ڀنا رابيل

رت ڀنا رابيل

رت ڀنا رابيل

رت ڀنا رابيل (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري شاعر مقصود گل جي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ’سڄڻ ۽ ساڻيهه‘ جي عنوان سان نامياري شاعر مختيار گھمري لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جو رايو شامل آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل فتاح هاليپوٽي جو ٺهيل آهي. 154 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 24 روپيا آهي، جنهن کي سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتيديري پاران 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو